پيغامِ لطيف 2

پيغامِ لطيف 2

پيغامِ لطيف 2

پيغامِ لطيف (ڪتاب): محب وطن سياستدان جي. ايم. سيد جو هيءُ ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ ۽ ان وقت جي ماحول جي روشنيءَ ۾، نئين نقطه نگاهه کان هڪ يگاني تصنيف آهي، جنهن ۾ عام روايتي انداز ۽ ڏند ڪٿائن بدران حقيقت بيانيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. سيد صاحب هن ڪتاب ۾ شاهه کي سنڌ جو ”قومي شاعر“ ثابت ڪيو آهي، ان ڏس ۾ هن، شاهه جي تخيل واري سنڌ، شاهه صاحب جي قوميت جي تخيلَ، شاهه لطيف ۽ علامه اقبال جي نظرين جي تقابلي مطالعي، مذهبي تصور، سندس ڪلام جي خصوصيتن، سنڌين لاءِ سنيهي ۽ سياسي نظرين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ سيد صاحب هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف ڏانهن اسان سنڌين جي جوابدارين سان گڏ مختلف مضمونن تي چونڊ بيت ڏئي قومي ۽ سياسي نقطه نگاهه کان ان جي تشريح به ڪئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڪرائون سائيز ڇاپو، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، ’اداره انسانيت حيدرآباد‘ پاران 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جي قيمت 5 رپيا هئي. هن ڪتاب جا ڇهن کان وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ايوبي دور ۾ هي ڪتاب پابنديءَ هيٺ رهيو. ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، جي. ايم. سيد اڪيڊمي پاران 2005ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو